تاريخ سنڌ   معروف به تاريخ معصومي

تاريخ سنڌ معروف به تاريخ معصومي

تاريخ سنڌ معروف به تاريخ معصومي

تاريخ سنڌ، معروف به تاريخ معصومي (ڪتاب ):هي ڪتاب مير محمد معصوم بکريءَ جي قديم نسخي جو اصلي متن، جيئن جو تيئن اسڪين (Scan) ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، هي سنڌ جي تاريخ اهو قديم نسخو آهي، جيڪو اٽڪل 200 سال اڳ سنڌ مان نڪري ڪنهن طرح لاهور (پنجاب) پهتو ۽ هن وقت پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ موجود آهي. ان کي سنڌ جي نوجوان تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ڳولي لڌو ۽ ان جي نقل جي حاصلات ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقيءَ جو وڏو هٿ هو. مير معصوم بکريءَ سن 1009هه ۾ ’تاريخ سندهه‘/’تاريخ معصومي‘ جي عنوان سان هڪ ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو هو. مير معصوم ڪتاب لکڻ کان پنــج سـال پــوءِ 1014هه/ 1505ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان ٽي سـال پـوءِ (1017هه/ 1608ع ۾) موجوده نوشهري فيروز ضلعي جي شهر ڏيپارجن جي هڪ عالم فاضل شخص حبيب الله ڪوريجي، هن ڪتاب جو نقل ڪيو ۽ هي نقل ڪيل نسخو هن وقت دنيا ۾ موجود هن ڪتاب جو سڀ کان آڳاٽو نسخو آهي، جيڪو پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ محفوظ آهي. هن قديم ڪتاب جي افاديت کي آڏو رکندي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هن ڪتاب جي اهميت، مير معصوم بکريءَ جي سوانح، تعميرات ۽ علمي ورثي تي تفصيلي مقدمو لکيو آهي. ’تاريخ معصوميءَ تي سڀ کان اڳ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي تحقيقي ڪم ڪري، ان جو فارسي متن 1938ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپايو هو، بعد ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ۽ وڏي تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ، اڌ صديءَ جي تحقيق کان پوءِ ”مير محمد معصوم بکريءَ“ عنوان تي سنڌيءَ ۾ جامع ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب، تاريخ معصوميءَ جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي نسخي بابت انڪشاف ڪيو هو ته اهو پنجاب لائبريري لاهور ۾ موجود آهي، پر پاڻ اهو نسخو نظر مان ڪڍي نه سگهيو‘. پير صاحب جي انڪشاف کان پوءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي پراڻي خواهش جي پورائيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي مددگار ثابت ٿيو ۽ ان جي توسط سان کيس پهرين قلمي نسخي جي فوٽو ڪاپي ۽ بعد ۾ ان جي ڪمپيوٽر ڊسڪ حاصل ٿي ۽ پوءِ صديقي صاحب هن نسخي جي ”عڪسي اشاعت“ جي منظوري به ڏني.مير محمد معصوم نامي ”تاريخ سنڌ عرف تاريخ معصومي“ سن 1009هه/1600ع ۾ مڪمل ڪئي ۽ پنجن سالن کان پوءِ 1014هه/1605ع ۾ وفات ڪئي. مير معصوم جي پنهنجي هٿ جو لکيل نسخو ته هٿ نه ٿو اچي، پر سندس وفات کان ٽي سال پوءِ سن 1017هه/1608ع جو نقل ٿيل نسخو ”تاريخي معصومي“ جو موجوده قديم ترين نسخو آهي. نسخي جي ڪتابت حبيب الله ڪوريجي جي ڪيل آهي. قلمي نسخي جي آخر ۾ ترقيمه واري عبارت هي آهي:”راقمه ذره احقر حبيب الله عرف ڪوريجه ساڪن قريه ديپارچه سرڪار سيوستان بتاريخ 26 شهر جمادي الاول 1017 بڪرم ڪريم تحرير يافت“لاکي صاحب هن نسخي تي ڪم ڪندي، مير معصوم جي سوانح، آثارن ۽ علمي ورثي بابت مقدمي ۾ مختصر پر جامع معلومات ڏيڻ سان گڏ تاريخ معصوميءَ جي متعدد ڇاپن ۽ ترجمن جو نئين سر جائزو ورتو آهي. ڊاڪٽر لاکي ڪتاب جي اهم قلمي نسخن جي ذڪر سان گڏ هن نسخي جو تعارف، اهميت ۽ افاديت به بيان ڪئي آهي. هن نسخي جي عمر چئن صدين کان به مٿي آهي. ڊاڪٽر لاکي کي هن تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر عارف نوشاهي، ڊاڪٽر انجم حميد، ڊاڪٽر نامدار خان جوزائي، مولانا محمد انس راڄپر ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ ڪنهن نه ڪنهن طرح مدد ڪئي آهي، جنهن جو هن مهاڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي. ’حرف آغاز‘ کان سواءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هن نسخي تي ”مير معصوم: احوال و آثار“ عنوان سان 30 صفحن تي مشتمل معلوماتي ديباچو يا مقدمو ڏنو آهي، جيڪو همعصر دور جي تاريخدان لاءِ تحقيق جا نوان دروازا کولي ٿو. ڪتاب تي مظهر الحق صديقيءَ جو ٻن صفحن جو انگريزيءَ ۾ ”Foreword“ به لکيل آهي. 328 صفحن جي ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 575 رپيا ۽ ڇپائيءَ جو سال 2008ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو